ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ وزيراعليٰ هائوس ڏانهن ويندڙ رستا عام ٽريفڪ لاءِ بند ڪري مختلف هنڌن تي ڪنٽينر لڳايا ويا آهن.
ميٽروپول، پي آءِ ڊي سي ۽ ٻين شاهراهن تي ڪنٽينر لڳائي ٽريفڪ اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو آهي.
انتظاميا موجب رستا سيڪيورٽي سبب بند ڪيا ويا آهن.
ياد رهي ته پيٽروليم شين جي اگهن ۽ ليوي ۾ واڌ خلاف جماعت اسلامي طرفان اڄ سمورن صوبائي راڄڌانين ۾ احتجاجي ڌرڻن جو اعلان ڪيو ويو آهي.


