گمبٽ: پي ايس 30 تي اليڪشن، مڏ پولنگ اسٽيشن تي ٻن اميدوارن جي حامين ۾ جهيڙو

1 Min Read

گمبٽ (ممتاز ميمڻ) گمبٽ ۾ پي ايس 30 جي چونڊ دوران پ پ اميدوار بئريسٽر اسفنديار خان کرل ۽ آزاد اميدوار سيد تصور مهدي جي حامين وچ ۾ مڏ پولنگ اسٽيشن وٽ جهيڙو ٿي پيو.

جهيڙي دوران ايڊووڪيٽ وقار علي سولنگي جي گاڏي کي نقصان پهتو ۽ ڪار جا شيشا ٽٽي پيا.

اطلاع تي پوليس پهچي مداخلت ڪري صورتحال تي ضابطو آندو.

پوليس موجب صورتحال هن وقت مڪمل ڪنٽرول ۾ آهي، جڏهن ته واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي.

Share This Article
Leave a Comment