واشنگٽن: (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سعودي عرب، ترڪي ۽ پاڪستان وچ ۾ ٿيل مڪو گڏيل دفاعي معاهدي جي آجيان ڪئي آهي.
ٽرٿ سوشل تي هڪ بيان ۾ ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته کيس اهو ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿي ته سعودي عرب، ترڪي ۽ پاڪستان مڪو گڏيل دفاعي معاهدي تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن.
ٽرمپ چيو ته اهو معاهدو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته وچ اوڀر متحد ٿي رهيو آهي ۽ ملڪ هاڻي وڌيڪ اثرائتي نموني پنهنجو دفاع ڪرڻ جي قابل ٿيندا.
ياد رهي ته تازو سعودي عرب، پاڪستان ۽ ترڪي گڏيل دفاعي معاهدي تي صحيحون ڪيون هيون، جنهن تحت ڪنهن هڪ ملڪ تي حملو ٽنهي ملڪن تي حملو تصور ڪيو ويندو.
مڪي معاهدي جو مقصد ڪنهن به جارحيت خلاف گڏيل دفاعي صلاحيت مضبوط ڪرڻ ۽ ٽنهي ملڪن وچ ۾ دفاعي سهڪار وڌائڻ آهي.


