Focus with Zardari

ٽرمپ پاران سعودي عرب، ترڪي ۽ پاڪستان وچ ۾ دفاعي معاهدي جي آجيان

1 Min Read

واشنگٽن: (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سعودي عرب، ترڪي ۽ پاڪستان وچ ۾ ٿيل مڪو گڏيل دفاعي معاهدي جي آجيان ڪئي آهي.

ٽرٿ سوشل تي هڪ بيان ۾ ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته کيس اهو ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿي ته سعودي عرب، ترڪي ۽ پاڪستان مڪو گڏيل دفاعي معاهدي تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن.

ٽرمپ چيو ته اهو معاهدو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته وچ اوڀر متحد ٿي رهيو آهي ۽ ملڪ هاڻي وڌيڪ اثرائتي نموني پنهنجو دفاع ڪرڻ جي قابل ٿيندا.

ياد رهي ته تازو سعودي عرب، پاڪستان ۽ ترڪي گڏيل دفاعي معاهدي تي صحيحون ڪيون هيون، جنهن تحت ڪنهن هڪ ملڪ تي حملو ٽنهي ملڪن تي حملو تصور ڪيو ويندو.

- Advertisement -

مڪي معاهدي جو مقصد ڪنهن به جارحيت خلاف گڏيل دفاعي صلاحيت مضبوط ڪرڻ ۽ ٽنهي ملڪن وچ ۾ دفاعي سهڪار وڌائڻ آهي.

Share This Article
Leave a Comment