ڪراچي ۾ تالا ٽوڙ گروپ سرگرم، دڪان مان ڏيڍ ڪروڙ جو سامان چوري

1 Min Read

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڊي ايڇ اي فيز 2 ۾ تالا ٽوڙ گروپ دڪان جا تالا ٽوڙي مبينا طور ڏيڍ ڪروڙ رپين جا رم ۽ ٽائر چوري ڪري ورتا. پوليس چوري ٿيل سامان سان ڀريل گاڏي هٿ ڪري هڪ شڪي جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو.

پوليس موجب جوابدار دڪان مان رم ۽ ٽائر گاڏي ۾ لوڊ ڪري فرار ٿي ويا، بعد ۾ چوري ٿيل سامان سان ڀريل گاڏي شاهه لطيف ٽائون واري علائقي ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا، جيڪا پوليس هٿ ڪري ورتي.

پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدار کان پڇا ڳاڇا جاري آهي، جڏهن ته گروهه جي ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.

Share This Article
Leave a Comment