ڪنڊيارو ڀرسان وين ۽ ٽرالر ۾ خوفناڪ ٽڪر، 2 ڄڻا فوت، 12 زخمي

1 Min Read

نوشهروفيروز: (محمد عادل عباسي) ڪنڊيارو ڀرسان قومي شاهراهه تي شاهه جمال پئٽرول پمپ وٽ مسافر وين ۽ ٽرالر وچ ۾ خوفناڪ ٽڪر جي نتيجي ۾ وين ڊرائيور سميت 2 ڄڻا فوت ۽ 12 زخمي ٿي پيا.

حادثي کانپوءِ فوتين جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هڪ زخمي جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، جنهن کي وڌيڪ علاج لاءِ گمبٽ اسپتال منتقل ڪيو ويو.

فوتين جي سڃاڻپ وين ڊرائيور دانيال عرف مشڪي ۽ محمد بخش طور ٿي آهي. زخمين ۾ امير علي، اصغر جهيجو، حاجن، شهنواز گوپانگ، انور مگسي، معشوق سميجو، عبدالله ۽ مختيار خاصخيلي سميت ٻيا شامل آهن.

اطلاعن موجب مسافر وين ٽنڊو ڄام کان ڪشمور وڃي رهي هئي ته حادثو پيش آيو.

Share This Article
Leave a Comment