ٽنڊو محمد خان (امتياز علي مڱريو) ٽنڊو محمد خان جي مين بدين روڊ تي پاٽار ڳوٺ ڀرسان مسافر ڪوسٽر ۽ ڪرين ۾ خوفناڪ ٽڪر ٿي پيو، جنهن بعد ڪوسٽر ڪلٽي ٿي پيو ۽ 4 ٻارڙن، 6 عورتن ۽ 10 مردن سميت 20 مسافر زخمي ٿي پيا.
زخمين ۾ ٻارڙيون زهره، عزره، مريم ۽ انجلي، عورتن ۾ آمي، شريمتي شانو، شريمتي هوني، ياسمين، شهناز ۽ شريمتي کينڊل شامل آهن.
زخمي مردن ۾ نيڪ محمد خاصخيلي، ارشد پنهور، احسان ڀرڳڙي، سومجي ڪولهي، سلطان احمد، سيف الله شيرواني، رجب ملاح، علي رضا ملاح، عبدالقدير جمالي ۽ محمد حسن شامل آهن.
زخمين کي ايمبولينسن ۽ ٻين گاڏين ذريعي ٽنڊو محمد خان جي سرڪاري اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان سڀني زخمين کي وڌيڪ علاج لاءِ حيدرآباد جي اسپتالن ڏانهن موڪليو ويو. اسپتال ذريعن موجب زخمين مان 6 ڄڻن جي حالت انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي.


