ملير ۾ موٽرسائيڪل سوارن تي فائرنگ، عورت مارجي وئي، 2 ڄڻا زخمي

1 Min Read

ملير (شاهد ڇڄڙو) ملير جي لنڪ روڊ تي اٽڪ پمپ ڀرسان ڪار سوار اڻڄاتل هٿياربندن موٽرسائيڪل سوارن تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ عورت مارجي وئي، جڏهن ته 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

پوليس موجب مارجي ويل عورت جي سڃاڻپ فاطمه، جڏهن ته زخمين جي سڃاڻپ اڪبر علي ۽ عمير علي طور ٿي آهي. اطلاع تي اسٽيل ٽائون پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي.

پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو ذاتي دشمني جو نتيجو لڳي ٿو. لاش ۽ زخمين کي ضروري ڪارروائي ۽ علاج لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو پيو وڃي.

Share This Article
Leave a Comment