حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ واڌ ڪري ڇڏي

1 Min Read

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پيٽروليم ڊويزن ايندڙ 24 ڪلاڪن لاءِ پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

پڌرنامي موجب 19 آگسٽ کان پيٽرول جي في ليٽر قيمت ۾ 3 رپيا 34 پئسا جڏهن ته ڊيزل جي قيمت ۾ 5 رپيا 27 پئسا في ليٽر اضافو ڪيو ويو آهي.

پيٽروليم ڊويزن قيمتن ۾ واڌ جو باضابطا نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تحت نيون قيمتون اڄ رات 12 وڳي کان لاڳو ٿينديون.

Share This Article
Leave a Comment