اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، عمران خان کي اسپتال منتقل ڪرڻ بابت عدالتي جي فيصلي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته نون صوبن بابت جيڪو عوام جو فيصلو هوندو، پيپلزپارٽي ان سان گڏ هوندي، زور ۽ زبردستي نه مڃينداسين، هن حڪومت کي خبردار ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن پيپلزپارٽي جا خدشا ختم نه ڪيا ويا ته هو ن ليگ سان سهڪار ڪرڻ جي موڊ ۾ ناهن.
پارليامينٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو چيو ته آزاد ڪشمير ۾ پيپلزپارٽي کي چونڊن ۾ هارايو ويو، جيڪڏهن مسلم ليگ ن کي اهڙي تڪراري چونڊ گهربل هئي ته کين مبارڪ هجي. سندس چوڻ هو ته هن گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جون چونڊون ”حقِ ملڪيت، حقِ حڪمراني“ جي منشور تحت وڙهيون آهن.
بلاول ڀٽو چيو ته اهو ممڪن ناهي ته پيپلزپارٽي حڪومتي بينچن تي ويهي ۽ ساڳئي وقت پنهنجي ڪارڪنن جا لاش کڻندي رهي. سندس چوڻ هو ته اتحادي پارٽين سان اهڙو ورتاءُ نه ٿيڻ گهرجي، جهڙو آزاد ڪشمير جي چونڊن دوران پيپلزپارٽي سان ڪيو ويو.
هن الزام لڳايو ته ن ليگ پيپلزپارٽي جي اعتراضن بابت پارٽي يا پارلياماني ڪميٽي سان رابطو ڪرڻ جي به ڪوشش نه ڪئي. بلاول واضح ڪيو ته جيڪڏهن خدشا ختم نه ڪيا ويا ته پيپلزپارٽي حڪومت سان سهڪار نه ڪندي، البت قومي معاملن تي اتفاقِ راءِ سان سهڪار ڪري سگهجي ٿو.
پيپلزپارٽي چيئرمين چيو ته ڪشمير جون چونڊون انتهائي حساس هيون ۽ چونڊ عمل تڪراري نه ٿيڻ گهرجي ها. هن دعويٰ ڪئي ته ميرپور، ڪوٽلي ۽ مظفرآباد ۾ پيپلزپارٽي جي اميدوارن ۽ ڪارڪنن کي نقصان پهتو ۽ چونڊن کان اڳ سيڪيورٽي بابت به خدشا ظاهر ڪيا ويا هئا.
بلاول ڀٽو چيو ته تڪراري چونڊن سان ٺهندڙ حڪومت ڪشمير جا مسئلا حل نٿي ڪري سگهي، مسئلن جي حل لاءِ عوامي مينڊيٽ رکندڙ حڪومت ضروري آهي.
آئين ۾ امڪاني نئين ترميم بابت سوال تي بلاول ڀٽو چيو ته هن وقت تائين سندس سامهون ترميم جو ڪو خاص نڪتو نه آيو آهي، جڏهن ڪو تجويز سامهون ايندي ته ان تي غور ڪيو ويندو.
نئين صوبن بابت پيپلزپارٽي جو موقف واضح قرار ڏيندي بلاول چيو ته پارٽي عوام جي راءِ سان گڏ بيهندي. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن نون صوبن بابت عوام جو فيصلو سامهون اچي ٿو ته پيپلزپارٽي ان سان گڏ بيهندي، جڏهن ته زبردستي ڪنهن فيصلي کي مڃڻ لاءِ تيار ناهي.
اپوزيشن سان رابطن بابت بلاول ڀٽو ٻڌايو ته سندس مخالف ڌر جي اڳواڻ محمود اچڪزئي ۽ علامه راجا ناصر عباس سان ملاقات ٿي آهي. هن خواهش ظاهر ڪئي ته اپوزيشن پارٽيون پارلياماني ڪميٽين ۾ واپس اچن، ڇاڪاڻ ته پارليامينٽ کي فعال رکڻ لاءِ قائمه ڪميٽين جو فعال هجڻ ضروري آهي.
بلاول ڀٽو چيو ته جتي اتفاقِ راءِ موجود هجي اتي فيصلو اتفاقِ راءِ سان ٿيڻ گهرجي، جڏهن ته اختلاف جي صورت ۾ سياسي جماعتن کي ڳالهين جو رستو اختيار ڪرڻ گهرجي.
هن عمران خان جي صحت بابت به چيو ته هو چاهي ٿو ته پي ٽي آءِ باني جو علاج ٿئي ۽ هو صحتياب ٿي وڃي.
بلاول ڀٽو اپوزيشن کي چونڊ سڌارن لاءِ پارليامينٽ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جي دعوت ڏيندي چيو ته جيڪڏهن مخالف ڌر چونڊ عمل ۾ بهتري چاهي ٿي ته گڏجي چونڊ سڌارن تي ڪم ڪري سگهجي ٿو.


