گمبٽ: نينگر سان مبينا بدفعلي، 3 جوابدارن خلاف ڪيس داخل

1 Min Read

گمبٽ (ممتاز ميمڻ) گمبٽ ڀرسان سوراهه پوليس نينگر عبدالصمد گوپانگ جي پيءُ محمد علي گوپانگ جي فرياد تي زوهيب ملاح، باقر ملاح ۽ ثناءُ الله ملاح خلاف نينگر سان مبينا بدفعلي ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو.

فريادي جو الزام آهي ته واقعي ۾ وڌيڪ ماڻهو به ملوث آهن، پر بااثر جي پٽ کي ڪيس ۾ شامل نه ڪيو ويو. فرياد موجب ڪيس ۾ مبينا اغوا ۽ اجتماعي زيادتي جا قلم شامل ناهن ڪيا ويا.

ڄاڻ موجب، نينگر جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد گهرو وزير ضياءَ حسن لنجار معاملي جو نوٽيس ورتو هو.

الزام آهي ته پوليس ڪيس کي ڪمزور ڪيو، جڏهن ته هن وقت تائين ڪنهن به جوابدار جي گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آهي.

پوليس طرفان الزامن بابت سرڪاري موقف سامهون نه آيو آهي.

Share This Article
Leave a Comment