گيهه، کير ۽ کاڄري تيل جا ڪيترائي نمونا غير معياري قرار

1 Min Read

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ وڪرو ٿيندڙ گيهه، کاڄري تيل ۽ کير جي معيار بابت ڳڻتي جوڳا انڪشاف سامهون آيا آهن.

پي سي ايس آءِ آر جي رپورٽ موجب 48٪ ويجيٽيبل گيهه، 27.4٪ ڪڪنگ آئل، 75٪ ريفائنڊ پام اولين، 25٪ پيڪ ٿيل کير ۽ 44.5٪ ملڪ پائوڊر جا نمونا مقرر معيار تي پورا نه لٿا.

رپورٽ لاءِ ملڪ جي مختلف علائقن مان 491 نمونا جاچيا ويا. ڪجهه گيهه جي نمونن ۾ ٽرانس فيٽ مقرر 2 گرام جي حد بدران 15.87 گرام في 100 گرام تائين مليو، جڏهن ته وٽامن اي جي کوٽ ۽ ٻين خامين جي به نشاندهي ٿي.

کير جي 26 غير معياري نمونن ۾ چرٻي مقرر معيار کان گهٽ، جڏهن ته ملڪ پائوڊر جي 8 نمونن ۾ پروٽين گهربل حد کان گهٽ مليو. خيبر پختونخوا مان ورتل پيڪ ٿيل کير جا سمورا نمونا به غير معياري قرار ڏنا ويا.

منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال غير معياري خوراڪ ٺاهيندڙن خلاف ڪارروائي ۽ هر 3 مهينن بعد خوراڪ جي معيار جي سائنسي نگراني جو نظام قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

Share This Article
Leave a Comment