وچ آفريڪي جمهوريه ۾ سون جي غيرقانوني کاڻ ۾ ڇپ ڪرڻ سبب 100 ڄڻا فوت

1 Min Read

بانگئي (ويب ڊيسڪ) وچ آفريڪي جمهوريه ۾ ڪيمرون جي سرحد ڀرسان سون جي غيرقانوني کاڻ ڊهي پئي، نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 100 ڄڻا فوت ٿي ويا.

مقامي اختيارين موجب حادثو بابوا شهر کان 50 ڪلوميٽر پري زامبوئي جي کاڻ واري هنڌ تي پيش آيو، جتي مٽي جي وڏي ڇپ ڪرڻ سبب ڪيترائي ماڻهو دٻجي ويا. مقامي رهواسين ۽ امدادي ٽيمن امدادي ڪارروائي شروع ڪري لاش ۽ زخمي ڪڍڻ جو ڪم جاري رکيو.

اختيارين جو چوڻ آهي ته ملبو وڌيڪ هجڻ ۽ علائقو ڏکيو هجڻ سبب حتمي جاني نقصان جو اندازو لڳائڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي رهي آهي. زخمين کي طبي امداد ڏني پئي وڃي، جڏهن ته وڌيڪ ماڻهن جي ملبي هيٺان دٻيل هجڻ جو خدشو آهي.

حڪومتي ترجمان متاثر خاندانن سان تعزيت ڪندي چيو آهي ته متاثرن کي هر ممڪن امداد فراهم ڪئي پئي وڃي.

وچ آفريڪي جمهوريه ۾ بغير سرڪاري نگراني ۽ حفاظتي سامان جي ننڍي پيماني تي سون ۽ ٻيي معدنيات جي کوٽائي عام آهي، جنهن سبب اهڙا موتمار حادثا بار بار پيش اچن ٿا. هلندڙ سال جون ۾ به ڪيمرون جي سرحد ڀرسان سون جي کاڻ ڪرڻ دوران ڪيترائي ماڻهو فوت ٿيا هئا.

Share This Article
Leave a Comment