قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ پاڪستان ڊفينس فورس ايڪٽ 2026 جو بل منظور ڪري ورتو

4 Min Read

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ پاڪستان ڊفينس فورسز ايڪٽ 2026 جو بل اڪثريتي راءِ سان منظور ڪري ورتو آهي. نئين قانون جو مقصد ملڪ جي هٿياربند فوجن وچ ۾ گڏيل رابطي، آپريشنل هم آهنگي ۽ دفاعي منصوبابندي کي وڌيڪ منظم بڻائڻ آهي.

بل دفاع واري وفاقي وزير خواجا آصف قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو، جنهن تحت ڊفينس فورسز هيڊڪوارٽرز قائم ڪرڻ ۽ چيف آف ڊفينس فورسز کي هٿياربند فوجن جي آپريشنل ڪمان ۽ ڪنٽرول ڏيڻ جي تجويز شامل آهي.

وفاقي ڪابينا به ساڳئي ڏينهن پاڪستان ڊفينس فورسز ايڪٽ 2026 جي منظوري ڏني هئي.

چيف آف ڊفينس فورسز جو ڪردار ڇا هوندو؟

نئين قانون تحت چيف آف ڊفينس فورسز وزيراعظم جو قومي سلامتي، دفاع ۽ هٿياربند فوجن بابت اهم فوجي صلاحڪار هوندو، جڏهن ته کيس هٿياربند فوجن جي آپريشنل ڪمان ۽ ڪنٽرول حاصل هوندو.

قانون ۾ چيو ويو آهي ته جتي جتي چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جو ذڪر آهي، اتي چيف آف ڊفينس فورسز جا لفظ شامل ڪيا ويندا.

چيف آف ڊفينس فورسز کي ٽنهي هٿياربند فوجن وچ ۾ گڏيل رابطا، سهڪار، آپريشنل هم آهنگي ۽ نگراني لاءِ ضروري اختيار حاصل هوندا.

فوجي آفيسرن بابت به اختيار

بل تحت چيف آف ڊفينس فورسز کي لاڳاپيل قانونن جي تابع ڪجهه اهم انتظامي اختيار پڻ حاصل هوندا.

هو ڪنهن فوجي اهلڪار جي ريٽائرمينٽ، سروس ختم ڪرڻ، استعيفيٰ قبول يا رد ڪرڻ، برطرفي يا سروس ۾ برقرار رکڻ بابت فيصلا ڪري سگهندو.

ان کان علاوه ڪنهن اهلڪار جي ريٽائرمينٽ جي عمر يا سروس جي مدت ۾ نرمي ڏيڻ جو اختيار پڻ قانون ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

نئون دفاعي هيڊڪوارٽر قائم ٿيندو

ايڪٽ تحت هٿياربند فوجن لاءِ هڪ مستقل ڊفينس فورسز هيڊڪوارٽرز قائم ڪيو ويندو.

هن نظام جو مقصد ٽنهي فوجن وچ ۾ گڏيل منصوبابندي، تربيت، آپريشنل رابطي ۽ دفاعي معاملن ۾ بهتر هم آهنگي پيدا ڪرڻ آهي.

قومي سلامتي ۽ دفاعي پاليسي ۾ ڪردار

قانون موجب چيف آف ڊفينس فورسز قومي سلامتي، جنگي تياري ۽ دفاعي منصوبابندي سان لاڳاپيل معاملن ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.

ان سان گڏ هٿياربند فوجن جي گڏيل پاليسي سازي ۽ مختلف ادارن وچ ۾ رابطي کي مضبوط ڪرڻ لاءِ به ڪم ڪندو.

حڪومت کي ضابطا ٺاهڻ جو اختيار

ايڪٽ تي عملدرآمد لاءِ وفاقي حڪومت کي قاعدا ۽ ضابطا ٺاهڻ جو اختيار ڏنو ويو آهي، جڏهن ته چيف آف ڊفينس فورسز انهن قاعدن تي عمل ڪرائڻ لاءِ هدايتون ۽ حڪم جاري ڪري سگهندو.

جيڪڏهن قانون تي عملدرآمد دوران ڪا قانوني يا انتظامي ڏکيائي پيدا ٿئي يا نئين ايڪٽ ۽ ڪنهن ٻئي قانون ۾ تضاد سامهون اچي ته صدرِ مملڪت حڪم ذريعي اها ڏکيائي ختم ڪرڻ لاءِ قدم کڻي سگهندو.

پراڻا قانون به برقرار

نئين قانون ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته هٿياربند فوجن بابت موجوده قانون، قاعدا، ضابطا ۽ حڪم ان وقت تائين لاڳو رهندا، جيستائين اهي نئين ايڪٽ سان ٽڪراءَ ۾ نه اچن.

نئين قانون جو بنيادي مقصد ٽنهي هٿياربند فوجن جي گڏيل ڪمان، رابطي ۽ آپريشنل هم آهنگي کي وڌيڪ اداراجاتي شڪل ڏيڻ ۽ چيف آف ڊفينس فورسز جي عهدي ۽ اختيارن کي قانوني بنياد فراهم ڪرڻ آهي.

Share This Article
Leave a Comment