جيڪب آباد ويجهو ڪارو ڪاري جي تڪرار تان فائرنگ، 2 ڄڻا قتل

1 Min Read

جيڪب آباد ( رپورٽ: حاڪم شيخ ) ڳڙهي خيرو تعلقي ۾ مبينا ڪارو ڪاري جي پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 ڄڻا قتل ٿي ويا.

پوليس ذريعن موجب واقعو ميرانپور ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ الله رکيو ۾ پيش آيو، جتي موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني.

فائرنگ جي نتيجي ۾ برڪت ۽ محمد جان بٿياڻي بليدي ٿڏي تي مارجي ويا. پوليس موجب فائرنگ کانپوءِ هٿياربند جوابدار فرار ٿي ويا، جڏهن ته اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي ۽ وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

ٻن ڄڻن جي قتل کانپوءِ علائقي ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو، جڏهن ته پوليس جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي.

پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته شروعاتي طور واقعو رند ۽ بٿياڻي بليدي برادرين وچ ۾ ڪارو ڪاري جي پراڻي تڪرار جو نتيجو لڳي ٿو، تنهن هوندي به واقعي جا اصل سبب ۽ فائرنگ ۾ ملوث جوابدارن بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي.

Share This Article
Leave a Comment