گمبٽ (ممتاز ميمڻ) ڪوٽڏيجي ۾ انجنيئر فيصل گلزار ڀٽو جي قتل ڪيس ۾ فرضن ۾ غفلت ۽ جوابدارن خلاف ڪارروائي نه ڪرڻ تي پوليس پوسٽ انچارج ڪامران علي وساڻ کي نوڪري تان برطرف ڪيو ويو.
ايس ايس پي خيرپور ڪيپٽن (ر) امير سعود مگسي موجب اهلڪار علائقي ۾ گشت ۽ ڏوهن تي ضابطو آڻڻ سميت قتل کانپوءِ جوابدارن جي گرفتاري ۾ ناڪام رهيو.
اهلڪار جو شوڪاز جواب ۽ وضاحت غير تسلي بخش قرار ڏئي کيس ميجر پنشمينٽ تحت برطرف ڪيو ويو.


