اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) صحت واري وفاقي ويزر مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته پمز اسپتال سانحي ۾ جيڪو به غفلت يا ڪوتاهي جو ذميوار ثابت ٿيو، ان کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو. هن وزيراعظم آڏو پاڻ کي احتساب لاءِ پيش ڪري ڇڏيو آهي.
اسلام آباد ۾ پمز اسپتال جي دوري دوران مصطفيٰ ڪمال سانحي ۾ فوت ٿيل ٻارن جي وارثن سان دلي تعزيت ڪندي چيو ته شهيد ٻارن لاءِ دعاگو آهيان. سندس چوڻ هو ته 12 ربيع الاول جي موقعي تي هو ڪراچي ۾ موجود هو ۽ واقعي بابت مسلسل معلومات حاصل ڪندو رهيو.
وفاقي وزير موجب سي سي ٽي وي فوٽيج ۾ صبح 6 لڳي 38 منٽن تي اسپارڪ نظر اچي ٿو، جڏهن ته 7 وڳي تائين ڪمرن ۾ دونهون ڀرجي چڪو هو. ابتدائي اطلاعن موجب اي سي اندر اسپارڪ ٿيڻ کانپوءِ نرسن مدد لاءِ آوازون ڏنيون.
هن چيو ته واقعي جي مڪمل جاچ جاري آهي ۽ سمورا حقيقتون سامهون آنديون وينديون. استعيفيٰ بابت سوال تي مصطفيٰ ڪمال چيو ته هو وزيراعظم آڏو پاڻ کي احتساب لاءِ پيش ڪري چڪو آهي.


