خيرپور (رپورٽ: شڪيل جانوري) پيرڳوٺ ۽ ڀرپاسي ۾ وڌندڙ قتل، ڌاڙن ۽ ڏوهن خلاف شهرين روڊن تي نڪري احتجاج ڪيو ۽ سکر پيرڳوٺ خيرپور روڊ بند ڪري ڌرڻو هنيو.
مظاهرين جو چوڻ هو ته روزانو وارداتون ٿي رهيون آهن پر پوليس ڏوهن تي ضابطو آڻڻ ۾ ناڪام آهي.
شهرين اعليٰ پوليس اختيارين کان ڏوهارين خلاف فوري ڪارروائي ۽ علائقي ۾ امن بحال ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته عملي قدم کڻڻ تائين احتجاج جاري رهندو.


