اوٻاڙو (رپورٽ: علي رضا راجپوت) قومي شاهراهه تي ڪمون شهيد وٽ ڪڪڙين جي خوراڪ سان ڀريل ٽرالر اونڌو ٿيڻ سبب 2 ڊرائيور فوت ۽ ڪلينر زخمي ٿي پيو.
پوليس موجب فوت ٿيلن ۾ ميان چنو واسي محمد شفيق ۽ صادق آباد واسي خليل احمد شامل آهن، جڏهن ته لاش اباڻن گهرن ڏانهن منتقل ڪيا ويا.
پوليس جو چوڻ آهي ته حادثو ٽرالر ۾ اضافي وزن سبب پيش آيو، ٽرالر سنڌ کان پنجاب وڃي رهيو هو.


