اسلام آباد(ويب نيوز) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) گيس جي قيمتن جو ڍانچو ٽارگيٽڊ سبسڊي جي بنياد تي ترتيب ڏيڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
ذريعن موجب آءِ ايم ايف سان ٿيل ڳالهين دوران تيل جي موجوده قيمتن تي بحث ڪيو ويو، جڏهن ته پيٽرول ۽ ڊيزل تي 80، 80 رپيا في ليٽر ليوي لاڳو هجڻ سبب عوام کي پيش ايندڙ ڏکيائين کان پڻ آگاهه ڪيو ويو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڳالهين دوران آءِ ايم ايف گيس جي قيمتن بابت اهڙو ڍانچو تيار ڪرڻ تي زور ڏنو، جنهن تحت سبسڊي صرف مستحق صارفين کي ٽارگيٽ ڪري فراهم ڪئي وڃي.
پيٽروليم ڊويزن ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ڳالهيون اڄ به جاري رهنديون، جن دوران گيس سيڪٽر جي گردشي قرض بابت آءِ ايم ايف کي بريفنگ ڏني ويندي.


