واشنگٽن/تهران/اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جنگ جي خاتمي، اقتصادي پابندين ۾ نرمي ۽ هرمز لنگهه ٻيهر کولڻ بابت هڪ شروعاتي امن معاهدو طئي ٿي ويو آهي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف ان معاهدي جي تصديق ڪندي چيو آهي ته ٻنهي ڌرين فوري جنگ بندي ۽ سفارتي عمل جي بحالي تي اتفاق ڪيو آهي.
صدر ٽرمپ پنهنجي بيان ۾ چيو ته ايران سان معاهدو مڪمل ٿي ويو آهي، جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته آمريڪا ۽ ايران سڀني محاذن تي فوجي ڪارروايون مستقل طور ختم ڪرڻ تي راضي ٿي ويا آهن. هن ٻڌايو ته معاهدي تي باضابطا صحيحن واري تقريب 19 جون تي سوئٽزرلينڊ ۾ ٿيندي.
ايران جي سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل پڻ اعلان ڪيو آهي ته سومر رات کان سڀني محاذن تي جنگ ۽ فوجي ڪارروايون مستقل طور بند ڪيون وينديون. ايران جي نائب پرڏيهي وزير ڪاظم غريب آبادي چيو ته معاهدي سان جنگ جو فوري خاتمو ٿيندو ۽ ٻن مهينن اندر حتمي معاهدي لاءِ وڌيڪ ڳالهيون ڪيون وينديون.
صدر ٽرمپ اهو به اعلان ڪيو آهي ته عالمي واپار لاءِ اهم هرمز لنگهه جمعي ڏينهن کان ٻيهر کوليو ويندو، جڏهن ته آمريڪا ايران جي بندرگاهن تي لاڳو بندشون ختم ڪندو. اعلان کانپوءِ عالمي مارڪيٽن ۾ تيل جي اگهن ۾ نمايان گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي.
ذريعن موجب معاهدي جا سمورا تفصيل اڃا سامهون ناهن آيا، جڏهن ته ايران جي سرڪاري ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪا ايران جا منجمد اثاثا آزاد ڪرڻ لاءِ به تيار آهي. ايران جي جوهري پروگرام بابت معاملو ايندڙ مرحلي جي ڳالهين ۾ طئي ٿيڻ جو امڪان آهي.
اسرائيل طرفان معاهدي تي فوري ردعمل سامهون نه آيو آهي، جڏهن ته يورپي ملڪن برطانيا، فرانس، جرمني ۽ اٽلي ايران جي جوهري پروگرام بابت مثبت اڳڀرائي جي صورت ۾ پابندين ۾ نرمي آڻڻ جي تياري ظاهر ڪئي آهي.

آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ امن معاهدو طئي، جنگ بند ڪرڻ تي اتفاق
Leave a Comment Leave a Comment

