پمز سانحو: سنڌ جي اسپتالن بابت وڏو حڪم اچي ويو

1 Min Read

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن سنڌ جي سمورن سرڪاري ۽ خانگي اسپتالن ۾ فائر سيفٽي جو هنگامي آڊٽ ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ڪميشن اسپتال انتظاميا کي فوري طور فائر سيفٽي انتظامن جي جانچ ۽ عملي مشقون ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي.

ڪميشن موجب اسپتال انتظاميا فائر سيفٽي آڊٽ دوران سامهون ايندڙ خامين ۽ انهن جي درستگي لاءِ کنيل قدمن بابت تفصيلي رپورٽ جمع ڪرائيندي. سول ڊفينس، فائر بريگيڊ ۽ لاڳاپيل ادارن کان حاصل ڪيل فائر سيفٽي منظوريُن جو پڻ ٻيهر جائزو وٺڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

اسپتالن ۾ فائر الارم سسٽم، فائر ايڪسٽنگوشرز ۽ ايمرجنسي رستن جي موجودگي يقيني بڻائڻ سان گڏ ايمرجنسي رستن کي هر وقت رڪاوٽن کان پاڪ رکڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.

اسٽاف کي فائر سيفٽي ۽ هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ بابت تربيت ڏيڻ ۽ باقاعده فائر ڊرلز ڪرائڻ جي پڻ هدايت ڪئي وئي آهي. ان کان علاوه آتش گير ۽ خطرناڪ مواد جي محفوظ اسٽوريج ۽ واضح نشاندهي يقيني بڻائڻ لاءِ چيو ويو آهي.

سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن جو چوڻ آهي ته ضرورت پوڻ تي اسپتالن جو بنا اڳواٽ اطلاع جي معائنو پڻ ڪري سگهجي ٿو.

Share This Article
Leave a Comment