دادو: نينگر جو تشدد ٿيل لاش هٿ، وارثن پاران شفاف جاچ جو مطالبو

1 Min Read

دادو(الله بخش خشڪ)  دادو ويجهو ڳوٺ سعيد الله ملڪ ۾ 17 ورهين جي نينگر جو تشدد ٿيل لاش هٿ آيو آهي.

پوليس جي شروعاتي جاچ موجب نوجوان جي جسم تي تيز ڌار اوزار سان وار ڪرڻ جا نشان موجود آهن، جڏهن ته واقعي جا سبب معلوم نه ٿي سگهيا آهن. مقتول نينگر جي سڃاڻپ 17 ورهين جي پرويز پٽ ياسين ملڪ طور ٿي آهي.

مقتول جي چاچي امان الله ملڪ ۽ ٻين وارثن جو چوڻ آهي ته سندن ڪنهن سان به دشمني ناهي.

 وارثن ايس ايس پي دادو کان واقعي جي شفاف جاچ ڪرائي انصاف فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

اسپتال انتظاميا موجب ضروري ڪارروائي ۽ پوسٽ مارٽم بعد مقتول نوجوان جو مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.

Share This Article
Leave a Comment