ابراهيمي معاهدي بابت رڳو افواهه آهن، فلسطين تي پاڪستان اصولي موقف تي قائم آهي: اسحاق ڊار

1 Min Read

واشنگٽن: نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته ابراهيمي معاهدي بابت مارڪيٽ ۾ رڳو افواهه گردش ڪري رهيا آهن، پاڪستان فلسطين جي معاملي تي پنهنجي اصولي موقف تي سختيءَ سان قائم آهي. واشنگٽن ۾ صحافين سان ڳالهائيندي اسحاق ڊار چيو ته جيستائين 1967ع کان اڳ واريون سرحدون ۽ القدس الشريف کي گڏائي خودمختيار فلسطيني رياست تسليم نٿو ڪيو وڃي، تيستائين پاڪستان جي موقف ۾ ڪا به لچڪ نه ايندي. هن وڌيڪ چيو ته ڪشميري عوام کي به گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب سندن حق ملڻ گهرجي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاڪستان، سعودي عرب ۽ قطر سميت مسلم ملڪن کي ابراهيمي معاهدي ۾ شامل ٿيڻ جو مشورو ڏنو هو.

Share This Article
Leave a Comment