پاڪستان 47 سالن کانپوءِ آمريڪا ۽ ايران کي ڳالهين جي ميز تي آڻي بيهاريو: پرڏيهي وزير

1 Min Read

واشنگٽن: نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار انڪشاف ڪيو آهي ته پاڪستان امن جو معمار بڻجندي 47 سالن کانپوءِ آمريڪا ۽ ايران کي سڌوسنئون ڳالهين جي ميز تي آڻي بيهاريو آهي. هن چيو ته آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ جنگ بندي رڳو پاڪستان جي ڪوششن سان ئي ممڪن ٿي سگهي آهي. اسحاق ڊار جو چوڻ هو ته وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل جي قيادت ۾ پاڪستان کي عالمي سطح تي هڪ نئين سڃاڻپ ملي آهي، جنهن سان پاڪستان کي سڄي دنيا ۾ اڪيلو ڪرڻ واري ڀارتي پاليسي مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي. هن آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو سان ٿيل ملاقات کي به انتهائي خوشگوار قرار ڏنو.

Share This Article
Leave a Comment