Focus with Zardari

اسلام آباد ۽  لاهور سميت پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا

2 Min Read

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد، راولپنڊي، لاهور ۽ خيبر پختونخوا سميت پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، جنهن سبب ماڻهو خوف وچان گهرن ۽ عمارتن مان ٻاهر نڪري آيا.

زلزلي جا لوڏا اسلام آباد ۽ راولپنڊي کان علاوه پنجاب جي لاهور، ميانوالي، چڪوال ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ پڻ محسوس ڪيا ويا.

خيبر پختونخوا ۾ پشاور، شانگلا، بونير، مردان، چارسده، سوات، صوابي، ڪوهاٽ، ڪرڪ، ملاڪنڊ، باجوڙ، هنگو، لوئر دير ۽ ڏکڻ وزيرستان جي مختلف علائقن ۾ به زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.

آزاد ڪشمير جي وادي نيلم، مظفرآباد ۽ ڀرپاسي وارن علائقن، جڏهن ته گلگت بلتستان جي ضلعي ديامر ۽ ويجهن علائقن ۾ پڻ زلزلي جا شديد لوڏا محسوس ڪيا ويا.

- Advertisement -

زلزلو ماپيندڙ مرڪز موجب زلزلي جي شدت 5.9 ريڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته ان جي اونهائي 178 ڪلوميٽر هئي. مرڪز موجب زلزلي جو مرڪز افغانستان جي هندوڪش علائقي ۾ هو ۽ لوڏا شام 6 لڳي 35 منٽن تي محسوس ڪيا ويا.

يورپي زلزلو مرڪز موجب هندوڪش علائقي ۾ زلزلي جي شدت 6 ريڪارڊ ڪئي وئي آهي.هوڏانهن پشاور ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ٿيڻ بعد خيبر پختونخوا اسيمبلي جو جاري اجلاس احتياطي طور پنجن منٽن لاءِ ملتوي ڪيو ويو.

Share This Article
Leave a Comment