اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد ۾ نجي اسڪولن جي ريگيوليٽري اٿارٽي (پيئرا) شاگردن جي ڳرن اسڪول بيگز جو نوٽيس وٺندي هلڪا اسڪول بيگ پاليسي لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
نئين پاليسي تحت اسڪول بيگ جو وزن شاگرد جي جسماني وزن جي 10 سيڪڙو کان وڌيڪ نه هوندو.
ٻئي پاسي وفاقي حڪومت تڪراري او ليول پاڪستان اسٽڊيز ڪتاب دي هسٽري اينڊ ڪلچر آف پاڪستان کي مارڪيٽ مان هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.
اختيارين موجب ڪتاب 2023ع کان پاڪستان ۾ پابندي هيٺ آهي، پر اڃا تائين ڪتابن جي دڪانن تي موجود آهي.
اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ضلعي انتظاميا جي مدد سان ڪتاب جون سڀ ڪاپيون هٽايون وينديون.
اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪتاب ۾ ڪجهه سياسي اڳواڻن خلاف تڪراري ۽ جانبدار مواد شامل آهي.
پيئرا اڻ رجسٽرڊ نجي تعليمي ادارن خلاف به سخت قانوني ڪارروائي جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته والدين جي شڪايتن لاءِ ڌار ڪائونٽر قائم ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي.

اسلام آباد ۾ اسڪول بيگز هلڪا ڪرڻ جو فيصلو، تڪراري او ليول ڪتاب هٽائڻ جو حڪم
Leave a Comment Leave a Comment

