اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) اعليٰ عدليه جي ججن جي پگهارن ۽ مراعتن ۾ وڏي واڌ ڪئي وئي آهي. صدر آصف علي زرداري وفاقي حڪومت جي سفارش تي سمري منظور ڪري ڇڏي.
نئين منظوري تحت چيف جسٽس پاڪستان جي ماهوار بنيادي پگهار 15 لک 50 هزار رپيا، جڏهن ته سپريم ڪورٽ جي ٻين ججن جي پگهار 15 لک رپيا مقرر ڪئي وئي آهي. جڊيشل الائونس به وڌائي 15 لک رپيا ڪيو ويو.
سپريم ڪورٽ جي ججن لاءِ ماهوار هڪ لک 50 هزار رپيا ميڊيڪل الائونس پڻ مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته پينشن جي عمر واري حد ۾ به واڌ ڪئي وئي آهي.
هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي ماهوار بنيادي پگهار 12 لک 54 هزار ۽ ٻين ججن جي 12 لک 5 هزار رپيا مقرر ڪئي وئي آهي. سپريم ڪورٽ جي پگهارن ۽ الائونسز ۾ واڌ 10 ڊسمبر 2025 کان لاڳو هوندي، جڏهن ته هاءِ ڪورٽ ججن لاءِ نئين پگهار پهرين جولاءِ 2026 کان لاڳو ٿيندي.


