اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ قتل سميت چئن ڪيسن جي ٻڌڻي دوران پوليس جي جاچ تي سخت سوال اٿاريا ويا.
جسٽس خادم حسين سومرَي اسلام آباد پوليس جي جاچ واري نظام تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته تازو عدالت آڏو آيل چئن ئي ڪيسن ۾ جاچ درست نموني نه ڪئي وئي.
عدالت ايس ايس پي اسلام آباد سان مخاطب ٿيندي چيو ته ڪيس عدالت ۾ اچي ٿو ته فيصلو جاچ جو معيار ڏسي ڪرڻو پوي ٿو، پر پوليس جي ناقص جاچ سبب عدالت کي ضمانت ڏيڻ تي مجبور ٿيڻو پوي ٿو.
جسٽس خادم حسين سومرو جا سڀ کان وڌيڪ ڌيان ڇڪائيندڙ رمارڪس اهي هئا ته اسلام آباد پوليس جي جاچ آفيسر جي پگهار هڪ لک رپيا آهي، جڏهن ته سنڌ ۾ ساڳئي آفيسر جي پگهار اٽڪل 40 هزار رپيا آهي، پر ان باوجود سنڌ ۾ جاچ بهتر ٿئي ٿي.
عدالت چيو ته گذريل ڏيڍ سال دوران هن ڪنهن سينيئر پوليس آفيسر کي عدالت نه گهرايو، پر تازن 14 ڏينهن ۾ چار ڪيس اهڙا سامهون آيا، جن جي جاچ سبب ايس ايس پي کي طلب ڪرڻو پيو.
عدالت پوليس کي جاچ جو نظام بهتر ڪرڻ ۽ قانون موجب جاچ يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي خبردار ڪيو ته جيڪڏهن مستقبل ۾ جاچ ناقص رهي ته اسلام آباد پوليس خلاف لکت ۾ حڪم جاري ڪيو ويندو.


