پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ ڀارت کي آئرلينڊ هٿان شرمناڪ شڪست

2 Min Read

بيلفاسٽ ( ويب ڊيسڪ ) آئرلينڊ پهرين ٽي ٽوئنٽي عالمي ميچ ۾ ورلڊ چيمپيئن ڀارت کي 34 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي، آئرلس ٽيم جي اها ڀارت خلاف مختصر فارميٽ ۾ پهرين فتح آهي.

اسٽورمونٽ ۾ کيڏيل ميچ ۾ آئرلينڊ جي نئين ڪپتان لورڪن ٽڪر شاندار ففٽي اسڪور ڪئي، جنهن جي مدد سان ميزبان ٽيم 9 وڪيٽن جي نقصان تي 182 رنسون ٺاهيون.

183 رنسن جي هدف جي تعاقب ۾ ڀارت جي شروعات جارحاڻي رهي ۽ اڀيشيڪ شرما صرف 20 بالن تي 50 رنسون اسڪور ڪيون، پر ان کانپوءِ آئرلينڊ جي بالرن ڀارتي بيٽنگ لائن کي سنڀلڻ جو موقعو نه ڏنو.

ڊيبيو ڪندڙ فاسٽ بالر ميٿيو هولارڊ 28 رنسون ڏئي 3 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته ڀارت ۾ ڄاول ۽ آئرلينڊ جي نمائندگي ڪندڙ جئي موندرا 26 رنسون ڏئي 2 اهم وڪيٽون حاصل ڪيون. ڀارتي ٽيم 148 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي.

ميچ کانپوءِ پليئر آف دي ميچ ميٿيو هولارڊ چيو ته ڀارت خلاف ڊيبيو ڪندي اهڙي ڪارڪردگي سندس لاءِ خواب جي ساڀيان آهي، جڏهن ته سندس خاندان خاص طور ڏکڻ آفريڪا مان کيس همٿائڻ لاءِ آئرلينڊ پهتو.

آئرلينڊ جي بالنگ ڪوچ ريان ايگلسن جئي موندرا جي ساراهه ڪندي چيو ته هن پنهنجي پهرين عالمي ميچ ۾ تيز رفتاري، بهتر حڪمت عملي ۽ اعتماد سان بالنگ ڪري سڀني کي متاثر ڪيو.

ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز جي ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ آچر تي ٻيهر اسٽورمونٽ ۾ کيڏي ويندي

Share This Article
Leave a Comment