راڻيپور مان اسڪولي شاگردياڻي گم، وارثن پاران اغوا جو شڪ

1 Min Read

گمبٽ(ممتاز ميمڻ) راڻيپور ۾ گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول ۾ ڇهين ڪلاس ۾ پڙهندڙ 10 ورهين جي شاگردياڻي صنم عباسي مبينا طور گم ٿي وئي، جنهن تي وارثن پاران اغوا جو شڪ ظاهر ڪيو ويو آهي.

وارثن موجب صنم عباسي گذريل ڏينهن روزاني معمول موجب اسڪول وئي هئي، پر اسڪول کانپوءِ واپس گهر نه پهتي، واقعي بابت راڻيپور ٿاڻي تي پهچي اين سي داخل ڪرائي ڇڏي آهي.

وارثن جو چوڻ آهي ته سندن ڪنهن سان به ڪا دشمني ناهي، نياڻي اسڪول وئي ۽ واپس نه آئي، جنهن سبب کين خدشو آهي ته ڪنهن کيس اغوا ڪيو آهي.

وارثن ايس ايس پي خيرپور ۽ ايس ايڇ او راڻيپور کان مطالبو ڪيو آهي ته نياڻي جي ڳولا لاءِ فوري قدم کڻي کيس جلد بازياب ڪرايو وڃي.

Share This Article
Leave a Comment