اوٻاوڙو (رپورٽ: علي رضا راجپوت) اوٻاوڙو ڀرسان آندل سنڌراڻي ٿاڻي جي حد ڪچي واري علائقي ڳوٺ نور محمد شر ۾ ڪارنهن جي الزام هيٺ مڙس پنهنجي 19 سالا زال کي قتل ڪري ڇڏيو.
پوليس موجب، جوابدار خادم حسين شر پنهنجي زال حميدان شر کي ڪارنهن جي تهمت ڏئي گوليون هڻي قتل ڪيو ۽ ثبوت مٽائڻ لاءِ لاش درياهه ۾ اڇلائي ڇڏيو.
آندل سنڌراڻي ٿاڻي جي ايس ايڇ او محمد قابل ڀيو ٻڌايو ته واقعي جو ڪيس سرڪار جي فرياد تي مک جوابدار خادم حسين شر، نيهال شر، گلشير شر سميت 8 ڄڻن خلاف داخل ڪيو ويو آهي.
پوليس موجب مقتولا جي لاش جي ڳولا جاري آهي، جڏهن ته جوابدارن کي پڪڙڻ لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن.

اوٻاوڙو: ڪارنهن الزام هيٺ مڙس هٿان زال قتل، لاش درياهه ۾ اڇلائي ڇڏيو
Leave a Comment Leave a Comment

