اوٻاوڙو: ڪمزور ڀت ڪرڻ سبب 5 ورهين جي نينگري فوت، ڀيڻ زخمي

1 Min Read

اوٻاوڙو (رپورٽ: علي رضا راجپوت) اوٻاوڙو جي ڳوٺ مڪو ڏهر ۾ ڪمزور ڀت اوچتو ڪري پوڻ سبب 5 ورهين جي زينب فوت ٿي وئي، جڏهن ته سندس 6 ورهين جي ڀيڻ رشيده سخت زخمي ٿي پئي.

وارثن موجب ٻئي ڀينرون گهر ڀرسان راند ڪري رهيون هيون ته ڀت سندن مٿان ڪري پئي، جنهن سبب ٻئي ملبي هيٺ دٻجي ويون. گهرڀاتين ۽ پاڙي وارن کين ملبي مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو، جتي زينب جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي.

زخمي رشيده کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ وڌيڪ علاج لاءِ شيخ زيد اسپتال رحيم يار خان منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته واقعي کانپوءِ ڳوٺ ۾ ڏک جي لهر ڇانئجي وئي.

Share This Article
Leave a Comment