گمبٽ: خانواهڻ پوليس پاران مبينا مقابلي ۾ ماريل نسيم منگلو جي وارثن جو انصاف لاءِ احتجاج

1 Min Read

گمبٽ (رپورٽر) خانواهڻ پوليس هٿان مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل بيگناهه نوجوان نسيم منگلو جي وارثن انصاف لاءِ پريس ڪلب گمبٽ پهچي سخت احتجاج ڪيو.
احتجاج ڪندڙ منڱلا برادري جي اڳواڻن صدام علي، راهب علي، مسمات غلام صغرا ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته خانواهڻ پوليس 11 ڏينهن اڳ بيگناهه نوجوان نسيم منگلو کي گوليون هڻي قتل ڪيو، جنهن تي اڳ ۾ ڪو به ڏوهاري ڪيس داخل نه هو.
هنن الزام هڻندي چيو ته ايس ايس پي نوشهروفيروز نوجوان جي قتل بابت جيڪا جاچ ڪاميٽي جوڙي هئي، ان ڪا به شفاف جاچ ناهي ڪرائي، پر ابتڙ پوليس پاران کين ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن.
پريس ڪانفرنس دوران مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل نوجوان جي معصوم ڌيءَ صحافين آڏو روئيندي چيو ته، اسان جو پيءُ اسان لاءِ روزي ڪندو هو، اسان کي خرچي ڏيندو هو، هاڻي اسان لاءِ ڪير روزي ڪندو ۽ ڪير خرچي ڏيندو؟
مظاهرين آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي نوابشاهه ۽ ايس ايس پي نوشهروفيروز کان پرزور مطالبو ڪيو آهي ته واقعي جي شفاف جاچ ڪرائي مقتول نسيم منلو جو قتل ڪيس داخل ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

Share This Article
Leave a Comment