واشنگٽن / تهران (ويب ڊيسڪ) ايران طرفان هڪ مال بردار سامونڊي جهاز کي نشانو بڻائڻ کانپوءِ آمريڪا، ايراني هدفن تي نوان فضائي حملا ڪيا آهن، جڏهن ته ايران اعلان ڪيو آهي ته آمريڪي مداخلت جي خاتمي تائين هرمز لنگهه بند رهندو.
ان دوران ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ جا اثر نار ملڪن تائين پهچي ويا آهن، جتي ميزائل ۽ ڊرون حملن جا اطلاع آهن.
آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ موجب، ايم وي جي ايف ايس گليڪسي نالي قبرص جي جهنڊي واري ڪنٽينر بردار جهاز کي نشانو بڻايو ويو هو، عملي لائيف بوٽ ذريعي حياتي بچائي.
پاسدارانِ انقلاب جو چوڻ آهي ته ايران خلاف وڌيڪ ڪارروائي ڪئي وئي ته سخت جواب ڏنو ويندو.
ايراني سرڪاري ميڊيا ٻڌايو آهي ته سندن ڪيترن ئي بندرگاهي علائقن ۾ ڌماڪن جا اطلاع آهن.
ٻئي پاسي ايراني فوج پاران خطي ۾ آمريڪي اڏن تي حملن جي پڻ دعويٰ ڪئي وئي آهي.
ان کان اڳ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران سان جنگ بندي جي خاتمي جو اعلان ڪري چڪو هو.
ان تي ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي آمريڪا تي جنگ بندي معاهدي جي ڀڃڪڙي جو الزام لڳائيندي چيو هو ته معاهدن جي پابندي ٻنهي ڌرين طرفان ٿيڻ گهرجي.


