پڪا چانگ ۾ بدامني خلاف شٽر بند هڙتال، مهراڻ هاءِ وي تي ڌرڻو

1 Min Read

خيرپور (شڪيل جانوري): پڪا چانگ شهر ۾ ڦر جي واقعي ۽ وڌندڙ بدامني خلاف مڪمل شٽر ڊائون هڙتال ڪئي وئي، جڏهن ته شهرين مهراڻ نيشنل هاءِ وي ۽ مرڪزي چوڪ تي ڌار ڌار ڌرڻا هڻي پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي.

شهري اتحاد ۽ متاثر ڌر جي سڏ تي سوين شهرين احتجاج ۾ شرڪت ڪئي. مظاهرين جو چوڻ هو ته فيض گنج جو علائقو ڪچي جهڙي صورتحال اختيار ڪري ويو آهي، جتي ڏينهن ڏٺي ڦر جون وارداتون معمول بڻجي ويون آهن، پر پوليس بدامني تي ضابطو آڻڻ ۾ ناڪام بڻيل آهي.

ڌرڻي سبب مهراڻ نيشنل هاءِ وي جي ٻنهي پاسن تي گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون، جنهن سبب مسافرن کي سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻو پيو.

مظاهرين آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته ڦر جي واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي فوري گرفتار ڪري علائقي مان بدامني جو خاتمو آندو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو.

Share This Article
Leave a Comment