ايران جو سپريم ليڊر فوت ناهي ٿيو، سخت زخمي آهي: ڊونلڊ ٽرمپ جي دعويٰ

1 Min Read

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران جو سپريم ليڊر مجتبيٰ خامنه اي فوت ناهي ٿيو، پر هو سخت زخمي آهي. ٽرمپ موجب خامنه اي جي جسم جي کاٻي پاسي، جنهن ۾ هٿ ۽ ٽنگ پڻ شامل آهن، اتي سنگين زخم آيا آهن.

آمريڪي صدر هڪ انٽرويو دوران چيو ته کيس نٿو لڳي ته ايران جو نئون سپريم ليڊر فوت ٿي چڪو آهي. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن واقعي خامنه اي فوت ٿي چڪو آهي ته پوءِ ايراني اختيارين ”تمام سٺو ڊرامو“ ڪري رهيا آهن.

هن چيو ته ڇاڪاڻ ته اهي مسلسل اهم معاملن تي حتمي منظوري لاءِ سپريم ليڊر سان مشاورت جو ذڪر ڪندا رهن ٿا.

رپورٽن موجب مجتبيٰ خامنه اي 28 فيبروري 2026ع تي ايران خلاف شروع ٿيل آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن کانپوءِ اقتدار ۾ آيو، جڏهن سندس والد علي خامنه اي شهيد ٿي ويو. ان کانپوءِ مجتبيٰ خامنه اي کي عوامي سطح تي نظر نه اچڻ سبب سندس صحت ۽ موجودگي بابت مختلف قياس آرائيون جاري آهن.

Share This Article
Leave a Comment