بلوچستان ۾ مسافر بس کاهي ۾ ڪري پئي، 40 ڄڻا فوت، 8 زخمي

1 Min Read

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ): بلوچستان جي ضلعي شيراني ۾ پشاور ويندڙ هڪ مسافر بس کاهي ۾ ڪرڻ سبب گهٽ ۾ گهٽ 40 ڄڻا فوت ۽ 8 زخمي ٿي پيا.

شيراني جي ڊپٽي ڪمشنر ولي خان ڪاڪڙ موجب، حادثو جمعي ڏينهن تڏهن پيش آيو، جڏهن بس دانه سر واري علائقي مان نڪري خيبرپختونخوا جي ضلعي ڊيرا اسماعيل خان جي حد ۾ داخل ٿي رهي هئي.

هن ٻڌايو ته حادثي جي اطلاع تي ضلعي انتظاميا جون امدادي ٽيمون ۽ ايمبولينسون واقعي واري هنڌ پهچي ويون، جڏهن ته زخمين کي فوري طور اسپتال منتقل ڪيو ويو. امدادي ڪارروايون جاري آهن.

ڊپٽي ڪمشنر موجب، بس ڪوئيٽا مان 36 مسافرن کي کڻي رواني ٿي هئي، پر رستي ۾ خراب ٿي بيٺل ٻي بس جا ڪجهه مسافر به ان ۾ سوار ٿي ويا هئا.

هوڏانهن بلوچستان حڪومت حادثي ۾ قيمتي جاني نقصان تي ڏک جو اظهار ڪندي فوتين جي وارثن سان تعزيت ڪئي آهي.

وڏي وزير سرفراز بگٽي لاڳاپيل ادارن کي امدادي ڪارروايون وڌيڪ تيز ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون آهن.

Share This Article
Leave a Comment