گهٽ بجلي واپرائيندڙن تي فڪسڊ چارجز جو بار وڌي ويو

1 Min Read

اسلام آباد: وفاقي توانائي واري وزير اويس لغاري اعتراف ڪيو آهي ته بجلي جي بلن ۾ فڪسڊ چارجز اڳ جي ڀيٽ ۾ ٻيڻا ٿي ويا آهن.

هن چيو ته ماضي ۾ فڪسڊ چارجز بل جو 3 کان 4 سيڪڙو هوندا هئا، جڏهن ته هاڻي اهي تقريبن 10 سيڪڙو تائين پهچي چڪا آهن.

سندس چوڻ هو ته جن مهينن ۾ بجلي جو استعمال گهٽ هوندو آهي، ان ۾ فڪسڊ ڪاسٽ نسبتاً وڌيڪ محسوس ٿيندي آهي، جڏهن ته وڌيڪ يونٽ واپرائڻ تي ان جو تناسب گهٽجي ويندو آهي.

اويس لغاري دعويٰ ڪئي ته گهريلو صارفين لاءِ بجلي جي في يونٽ قيمت ۾ گهٽتائي آئي آهي ۽ سبسڊي جاري رهڻ جي صورت ۾ وڌيڪ ريليف ملي سگهي ٿو.

پر ٻئي طرف، فڪسڊ چارجز ۾ اضافي سبب گهٽ بجلي واپرائيندڙ ۽ گهٽ آمدني وارن صارفين تي اضافي بار پوڻ جا خدشا پڻ سامهون اچي رهيا آهن.

Share This Article
Leave a Comment