ملير: (شاهد ڇڄڙو) پاڪستان اسٽيل ملز سان لاڳاپيل 5 ايڪڙ سرڪاري زمين نجي ڪمپني کي الاٽ ڪرڻ واري معاملي ۾ قومي احتساب بيورو (نيب) جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.
ذريعن موجب، تڪراري زمين نجي ڪمپني کي 99 سالن جي ليز تي ڏني وئي، جڏهن ته الزام آهي ته اها زمين مارڪيٽ ريٽ جي رڳو 25 سيڪڙو قيمت تي الاٽ ڪئي وئي.
نيب نجي ڪمپني جي سي اي او کي ڪال اپ نوٽيس جاري ڪري جاچ آفيسر آڏو پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي، جڏهن ته زمين جي مڪمل الاٽمينٽ فائيل به طلب ڪئي وئي آهي.
جاچ دوران ڪمپني جي ڊائريڪٽرن ۽ شيئر هولڊرن جا تفصيل، انڪم ٽيڪس رڪارڊ، رجسٽريشن دستاويز ۽ 2012ع کان اڳ صنعتي ڪاروبار جا ثبوت پڻ گهريا ويا آهن.
نيب زمين جي مبينا غيرقانوني الاٽمينٽ جو جواز، چالانن جي ادائيگي بابت بئنڪنگ رڪارڊ ۽ زمين جي موجوده استعمال جا تفصيل به طلب ڪيا آهن.


