Focus with Zardari

ايف آءِ اي پاران گمس گمبٽ جو ڊائريڪٽر طلب، 7 آڪٽوبر تي 5 سالن جو رڪارڊ پيش ڪرڻ جو حڪم

1 Min Read

سکر ۾ ايف آءِ اي جي جاچ آفيسر نثار احمد ساوند پاران گمس گمبٽ جي سربراهه کي انڪوائري نمبر 10/26 بابت نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي. نوٽيس ۾ گمس ڊائريڪٽر کي 7 آڪٽوبر 2026ع تي ايف آءِ اي سکر آفيس ۾ پيش ٿيڻ ۽ گذريل 5 سالن جو لاڳاپيل رڪارڊ گڏ کڻي اچڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

نوٽيس موجب گمس گمبٽ جي ملازمن خلاف انساني عضون جي مبينا غيرقانوني ۽ ڪمرشل پيوندڪاري جي الزامن بابت ٻن ڪيسن، ايم آر نمبر 96707 احمد معاذ ۽ ايم آر نمبر 72661 صائمه خالق، جو رڪارڊ طلب ڪيو ويو هو.

ايف آءِ اي موجب ان سلسلي ۾ اڳ به نوٽيس جاري ڪري رڪارڊ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي، پر اڃا تائين رڪارڊ پيش نه ڪيو ويو آهي. ايف آءِ اي گمس انتظاميا کي 7 آڪٽوبر تي آفيس پهچي گهربل رڪارڊ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

Share This Article
Leave a Comment