Focus with Zardari

رتوديرو: جيڪب آباد روڊ تي هٿياربندن جي فائرنگ، 5 ڄڻا قتل

1 Min Read

رتوديرو جيڪب آباد روڊ تي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 5 ڄڻا قتل ٿي ويا، مارجي ويلن مان 4 ڄڻن جو تعلق گهانگهرا برادري ۽ هڪ ڄڻي جو تعلق بروهي برادري سان ٻڌايو پيو وڃي.

مقتولن جي سڃاڻپ رجب علي گهانگهرو، بلاول گهانگهرو، رياض حسين گهانگهرو، قربان علي گهانگهرو ۽ عبدالله بروهي طور ٿي آهي.

ذريعن موجب گهانگهرا برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ زمين جي معاملي تان اڳ ئي تڪرار هلندڙ هو، جنهن بعد واقعو پيش آيو. فائرنگ کانپوءِ علائقي ۾ خوف ۽ ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي. واقعو بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي.

Share This Article
Leave a Comment