ايندڙ 3 ڏينهن سنڌ ۾ ڪٿي ڪٿي مينهن وسندو؟ موسميات کاتي اڳڪٿي ڪري ڇڏي

1 Min Read

ڪراچي: (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي سنڌ ۾ ايندڙ ٽن ڏينهن لاءِ موسم جي اڳڪٿي جاري ڪري ڇڏي آهي.

موسميات کاتي موجب ڪمزور چوماسي هوائن جو سلسلو سنڌ جي اتر اوڀر وارن علائقن تي اثرانداز آهي، جنهن سبب صوبي جي اڪثر علائقن ۾ موسم جهڙالي، گرم ۽ گهميل رهڻ جو امڪان آهي.

ڪراچي سميت سنڌ جي سامونڊي علائقن ۾ به موسم جهڙالي ۽ گهميل رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڪراچي ۾ ايندڙ ٽن ڏينهن دوران رات ۽ صبح جي وقت ڪجهه هنڌن تي ڦڙ ڦڙ جو امڪان آهي.

موسميات کاتي موجب اڄ گهوٽڪي، سکر، ڪشمور، جيڪب آباد، لاڙڪاڻو، قمبر شهدادڪوٽ، شڪارپور، دادو ۽ ڄامشورو ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن، گجگوڙ ۽ برسات جو امڪان آهي.

Share This Article
Leave a Comment