گمبٽ (ممتاز ميمڻ) رپڙي ويجهو 18 ورهين جي ناري انيتا ڌيءَ امتياز لاشاري اوچتو لاپتا ٿي وئي، وارثن پاران اغوا جو شڪ ظاهر ڪيو ويو آهي.
راضي ديرو جي شيخ محلي واسڻ ناري گذريل ڏينهن پاڙي جي هڪ گهر ۾ ڪم سانگي وئي، جتان واپس گهر نه پهتي. ڪافي ڳولا باوجود ناري جو ڪو پتو نه پئجي سگهيو.
ناري جي پيرسن امڙ احتجاج ڪندي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کان اپيل ڪئي آهي ته سندس ڌيءَ جي ڳولا ۾ مدد ڪري کيس جلد بازياب ڪرايو وڃي.


