بالي ووڊ اداڪار عامر خان ٽئين شادي ڪري ڇڏي

1 Min Read

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي نامياري اداڪار عامر خان پنهنجي پراڻي دوست گوري سپراٽ سان سادي تقريب دوران شادي ڪري ڇڏي، هي سندس ٽئين شادي آهي.

شادي جي تقريب آچر تي ممبئي ۾ عامر خان جي گهر ۾ ٿي جتي ٻنهي اسپيشل ميرج ايڪٽ تحت شادي رجسٽرڊ ڪرائي.

تقريب ۾ رڳو گهرڀاتين ۽ ويجهن دوستن کي دعوت هئي، عامر خان جا ٻار جنيد، آئرا ۽ آزاد سميت ٻيا موجود هئا.

عامر خان ۽ گوري سپراٽ هڪ ٻئي کي 25 سالن کان سڃاڻين ٿا، ٻنهي جو 2024 ۾ ٻيهر رابطو ٿيو هو ۽ ويجهڙا ٿي هئي، اها ويجهڙائي شادي جي ٻنڌڻ تائين پهتي.

Share This Article
Leave a Comment