دادو ويجهو پوليس جي ڪارروائي، 2 مغوي ناريون بازياب، 2 جوابدار گرفتار

1 Min Read

دادو (رپورٽر) دادو ويجهو پوليس ڪارروائي ڪندي مبينا طور اغوا ٿيل ٻن نارين کي بازياب ڪرائي ورتو آهي، جڏهن ته ڪارروائي دوران هٿياربندن پاران پوليس تي فائرنگ پڻ ڪئي وئي.
خدا آباد ٿاڻي جي پوليس موجب، قربان علي ڪورائي پاران عدالت ۾ داخل ڪيل درخواست تي ڪارروائي ڪئي وئي.
ڳوٺ ابراهيم پنهور ۾ ڪيل ان ڪارروائي دوران پوليس درخواست گذار جي ٻن مائٽ نارين مسمات ريشمان ۽ مسمات نرما کي باحفاظت بازياب ڪرائي ورتو.
پوليس موقعي تان ٻن جوابدارن آفاق ۽ هاشم کي پڻ گرفتار ڪري ورتو آهي.
پوليس ذريعن موجب، ڪارروائي دوران هٿياربندن ۽ ڏنڊا بردار ماڻهن پاران سرڪاري ڪارروائي ۾ مداخلت ڪندي پوليس تي فائرنگ پڻ ڪئي وئي.
پوليس ڊيوٽي ۾ اٽڪاءُ ڪرڻ ۽ فائرنگ ڪرڻ جي الزام ۾ 6 جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڏني آهي.

Share This Article
Leave a Comment