اسلام آباد (ويب نيوز) ايشيائي ترقياتي بئنڪ (ADB) پاڪستان کان محدود ٽيڪس نيٽ کي وڌائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاڪستان جي روينيو انتظامي نظام کي جديد بڻائڻ لاءِ وڌيڪ 20 ڪروڙ ڊالر فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
ADB جي نائب صدر ينگ منگ يانگ چيو آهي ته پاڪستان لاءِ اهم چئلينجن ۾ محدود ٽيڪس بنياد، غير رسمي معيشت ۽ ٽيڪس قانونن تي گهٽ عملدرآمد شامل آهن.
هن چيو ته نئين منصوبي تحت ايف بي آر جي ڊجيٽل نظام، ٽيڪس ۽ ڪسٽمز سسٽم کي جديد بڻائڻ، ڊيٽا اينالٽڪس، مصنوعي ذهانت ذريعي ٽيڪس تعميل ۽ سائبر سيڪيورٽي کي مضبوط ڪرڻ تي ڪم ڪيو ويندو.
ايشيائي ترقياتي بئنڪ موجب ٽيڪس آمدني وڌڻ سان حڪومت لاءِ ترقياتي منصوبن ۽ عوامي خدمتن تي خرچ ڪرڻ جي گنجائش وڌندي ۽ ٻاهرين قرضن تي ڀاڙڻ گهٽ ٿيندو.


