والد جي قتل جو پلاند وٺڻ قوم جو مطالبو آهي: ايراني سپريم ليڊر مجتبيٰ خامنا اِي

1 Min Read

تهران ( ويب ڊيسڪ ) ايران جي سپريم ليڊر آيت الله مجتبيٰ خامنه اي چيو آهي ته سندس والد ۽ اڳوڻي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي جي قتل جو بدلو وٺڻ “قوم جو مطالبو” آهي ۽ اهو ضرور پورو ڪيو ويندو. اها ڳالهه هن ڇنڇر تي پنهنجي ٽيليگرام اڪائونٽ تي جاري ڪيل لکت واري پيغام ۾ چئي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب، مجتبيٰ خامنه اي اهو پيغام پنهنجي والد جي تدفين جي تقريبن کان پوءِ جاري ڪيو، جنهن ۾ هن چيو ته هو پنهنجي والد سميت ٻنهي جنگين ۾ مارجي ويل سڀني شهيدن جي خون جو بدلو “مجرم ۽ قاتلن” کان وٺڻ جو عهد ڪن ٿا.

واضح رهي ته آيت الله علي خامنه اي 28 فيبروري تي آمريڪا ۽ اسرائيل جي گڏيل هوائي حملن دوران تهران ۾ پنهنجي رهائشگاهه ۽ آفيس واري ڪمپائونڊ تي حملي ۾ مارجي ويو هو، جنهن کان پوءِ مجتبيٰ خامنه اي ايران جو نئون سپريم ليڊر بڻيو.

ياد رهي ته مجتبيٰ خامنه اي پنهنجي والد جي جنازي ۽ تدفين جي تقريبن ۾ عوامي طور شرڪت نه ڪئي، جنهن بابت رپورٽن موجب سيڪيورٽي خدشن ۽ حملي دوران زخمي ٿيڻ جا امڪان ظاهر ڪيا ويا هئا.

Share This Article
Leave a Comment