خيرپور (ممتاز ميمڻ) خيرپور ضلعي اندر بدامني جا واقعا گهٽجڻ بدران وڌي رهيا آهن، ٽن ڏينهن دوران عورتن سميت 10 ڄڻا قتل ٿيڻ ۽ هڪ نوجوان جي اغوا واري واقعي کانپوءِ شهرين ۾ خوف پکڙيل آهي.
ضلعي ۾ قتل، ڦر، ڌاڙا ۽ چوريون معمول بڻجي ويون آهن، جڏهن ته پوليس جي رٽ بحال نه ٿيڻ سبب ڏوهن تي ضابطو نه اچي سگهيو آهي.
مليل ڄاڻ موجب، تازو قتل ٿيلن ۾ سهراب ناريجو، محمد عيدن، فتح محمد، راجا، واحد بخش ۽ رحيم بخش ڪلهوڙو، عورت رضيا شر، آفتاب گلال سميت ٻيا شامل آهن.
ٻه ڏينهن اڳ خيرپور-لاڙڪاڻو روڊ تان هٿياربندن ڳوٺ ريڊر لاشاري واسي ٽريڪٽر ٽرالي ڦر ڪرڻ بعد ڊرائيور انيل لاشاري کي اغوا ڪري ويا، جنهن سبب علائقي ۾ وڌيڪ خوف واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي.
گمبٽ شهر ۾ به ڏينهن ڏٺي جو واپاري حبيب الله شيخ کان هٿياربندن موٽرسائيڪل ۽ روڪ رقم ڦري ورتي، جڏهن ته موٽرسائيڪل چوريون پڻ عام ٿي ويون آهن.
شهرين جو چوڻ آهي ته ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي حدن ۾ روزانو ڏوهي وارداتون رپورٽ ٿي رهيون آهن، جڏهن ته منشيات جي وڪري سبب نوجوان نسل پڻ متاثر ٿي رهي آهي.
شهرين پوليس جي ڪارڪردگي تي سوال اٿاريندي چيو آهي ته ايس ايس پي خيرپور پاران وارداتن کانپوءِ نوٽيسن ۽ پريس رليزن تائين محدود رهڻ بدران عملي قدم کنيا وڃن.
عوام مطالبو ڪيو آهي ته امن امان جي صورتحال بهتر بڻائڻ لاءِ پوليس آفيسرن کان سخت پڇاڻو ڪيو وڃي ۽ غفلت ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، جيئن ضلعي ۾ امن بحال ٿي سگهي.


