خاران ۾ سيڪيورٽي فورسز جو آپريشن، 7 دهشتگرد مارجي ويا

1 Min Read

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي ضلعي خاران جي علائقي لجي ۾ سيڪيورٽي فورسز انٽيليجنس بنياد تي آپريشن ڪيو جنهن ۾ فتنه الخوارج جا 7 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿيا.

سيڪيورٽي ذريعن موجب ڪارروائي دوران دهشتگردن جي ٺڪاڻن تان جديد هٿيار، وڏي مقدار ۾ گولا بارود، 2 گاڏيون ۽ هڪ موٽرسائيڪل هٿ ڪئي وئي، جڏهن ته ٺڪاڻن کي مڪمل طور تباهه ڪيو ويو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگرد ڀتا خوري، اغوا، ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ آپگهاتي حملن جي منصوبابندي ۾ ملوث هئا. آپريشن ردالفتنه 3 تحت دهشتگردي خلاف ڪارروايون جاري آهن.

Share This Article
Leave a Comment