ڪلاس روم جي ڇت جو پلستر ڪرڻ جو واقعو، تعليم واري وزير نوٽيس ورتو

2 Min Read

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) گورنمينٽ گرلز پرائمري اسڪول شاهه خالد ڪالوني ۾ ڪلاس روم جي ڇت جو پلستر ڪرڻ جي واقعي جو سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه فوري نوٽيس وٺي ڇڏيو.

تعليم واري وزير جي هدايت تي ايجوڪيشن ورڪس کاتي جا آفيسر واقعي واري هنڌ پهچي ويا ۽ اسڪول جي عمارت جي صورتحال جو جائزو ورتو.

تعليم کاتي موجب متاثر اسڪول جي عمارت 2000ع واري ڏهاڪي جي شروعات ۾ سنڌ ايجوڪيشن ريفارم پروگرام تحت تعمير ڪئي وئي هئي، تنهن ڪري اهو تاثر درست ناهي ته اسڪول جي عمارت نئين تعمير ٿيل آهي.

کاتي موجب مالي سال 2025-26 دوران اسڪول لاءِ اسڪول اسپيسفڪ بجيٽ تحت 4 لک 78 هزار رپيا رکيا ويا هئا، جن مان 3 لک 63 هزار 265 رپيا خرچ ڪيا ويا.

تعليم واري وزير سوال اٿاريو آهي ته بجيٽ مان رقم خرچ ٿيڻ باوجود اسڪول ۾ ضروري مرمتي ڪم تي ڌيان ڇو نه ڏنو ويو، جنهن جو پڻ جائزو ورتو ويندو.

ٻئي طرف مالي سال 2026-27 لاءِ اسڪول کي اسڪول اسپيسفڪ بجيٽ تحت وڌيڪ 5 لک 91 هزار رپيا مختص ڪيا ويا آهن.

سيد سردار علي شاهه سوال ڪيو ته بجيٽ موجود هجڻ باوجود اسڪول جا بنيادي مسئلا حل ڇو نه ڪيا ويا؟ ان حوالي سان تعليم کاتي کان تفصيلي رپورٽ طلب ڪئي وئي آهي.

تعليم واري وزير، اسڪول ايجوڪيشن سنڌ جي سيڪريٽري کي واقعي جي سمورن پاسن جو جائزو وٺڻ ۽ اسڪول جي عمارت جي موجوده صورتحال بابت تفصيلي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي.

سيد سردار علي شاهه چيو ته شاگردياڻين جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ سان گڏ اسڪول جي عمارت جي مرمت ۽ بحالي لاءِ ضروري قدم کنيا ويندا.

 

Share This Article
Leave a Comment